عبدالرشيد ولهاري

عبدالرشيد ولهاري: والي بال جي مشهور رانديگر عبدالرشيد ولهاري پهرين ڊسمبر 1934ع تي ڳوٺ ميين حاجي پير محمد ولهاري، تعلقي عمرڪوٽ ۾ ميين عبدالرحمان ولهاري جي گهر ۾ جنم ورتو. ديني تعليم ڳوٺ جي مدرسي مان حاصل ڪيائين. سندس خاندان ۾ ڪيترائي عالم ۽ بزرگ هئا. فائنل پاس ڪرڻ بعد سنڌي جو استاد مقرر ٿيو. 1956ع ۾ والي بال جي مشهور رانديگر غلام محمد کوسي جي اثر هيٺ والي بال راند ۾ بهترين رانديگر تسليم ڪرايائين. جنهن بعد هن غلام محمد کوسي سان گڏجي عمرڪوٽ ۽ ڍوري ناري ۾ والي بال جا ڪيترائي ٽورنامينٽ ڪرايا. پاڻ بئڪ سينٽر جو بهترين رانديگر هو. سندس اثر هيٺ ڪيترائي رانديگر پيدا ٿيا، عمرڪوٽ ضلعي جي مختلف اسڪولن ۾ 14 سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ والي بال جي رانديگر ۽ ريڊيو ڪمپئر عنايت الله زنگيجي جي صحبت ۾ پرائمري ماستري ڇڏي پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهايائين.هن عنايت الله زنگيجي سان گڏجي پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ والي بال/ شوٽنگ بال جي ٽيم جو بنياد وڌو. حيدرآباد ۾ ٻين رانديگرن جي سهڪار سان ڪيترائي ٽورنامينٽ ڪرايائين. پاڻ ايماندار ريفري پڻ رهيو. عبدالرشيد ولهاري، والي بال کان شوٽنگ بال تائين ايسوسيئشن ۽ فيڊريشن جو ضلعي توڙي صوبائي سطح تي عهديدار پڻ رهيو.


لفظ عبدالرشيد ولهاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.12.01  عيسوي

عبدالرشيد ولهاري پهرين ڊسمبر 1934ع تي ڳوٺ ميين حاجي پير محمد ولهاري، تعلقي عمرڪوٽ ۾ ميين عبدالرحمان ولهاري جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ادريس محمد صديق
ڏنگر فقير
بيبي راستي
اختر رند
خليل سلطان
خورشيد حسن شيخ
تيرٿ سڀاڻي
اڀيمنيون ڪيولراماڻي ڊاڪٽر
شاهد ڀٽو
ڄام اوٺو جاڙيجو سمو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون